Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:21 - Sindhi Bible

21 تڏهن ماڻهن يشوع کي چيو، تہ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ اسين ضرور خداوند جي عبادت ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پر ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”هرگز نہ، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني ۽ چيائون تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين؛ ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند تائين پهچايو.


۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.


پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين.


۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.


هڪڙو چوندو تہ آءٌ خداوند جو آهيان؛ ٻيو پاڻ کي يعقوب جي نالي سان سڏيندو؛ تہ ٻيو وري پنهنجي هٿ سان لکندو تہ آءٌ خداوند جي لاءِ آهيان، ۽ پاڻ کي اسرائيل جي نالي جو لقب ڏيندو.


تو اڄوڪي ڏينهن اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي تنهنجو خدا آهي، ۽ تون هن جي واٽن تي هلندين، ۽ هن جو آواز ٻڌندين، ۽ هن جي قانونن کي، ۽ هن جي حڪمن کي، ۽ هن جي فيصلن کي مڃيندو رهندين:


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.


۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مٿان انهيءَ ڳالهہ جا پاڻ شاهد آهيو، تہ اوهان پنهنجي لاءِ خداوند کي عبادت ڪرڻ لاءِ پسند ڪيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسين برابر شاهد آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ