Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:20 - Sindhi Bible

20 جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اوهان سان هيتري تائين چڱائي پئي ڪئي آهي، سو اوهان کان منهن ڦيرائي ويندو ۽ اوهان تي مصيبت آڻيندو. هو اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي ساري اسرائيل، يعني خداوند جي جماعت جي روبرو، ۽ اسان جي خدا جي حضور، اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن کي مڃيو ۽ انهن جا طالب ٿيو: تہ اوهين هن سٺي ملڪ جا وارث ٿيو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي اولاد جي لاءِ هميشہ واسطي ورثي ۾ ڇڏي وڃو.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.


جيڪڏهن اهي منهنجا قانون ڀڃندا، ۽ منهنجن حڪمن کي نہ مڃيندا؛


پر بدڪار ۽ گنهگار گڏ ناس ٿي ويندا ۽ جيڪي خداوند کي ڇڏي ڏيندا سي چٽ ٿي ويندا.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.


پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو.


پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟


جڏهن تو منجهان ٻار، ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا، ۽ اوهين انهي ملڪ ۾ گهڻي عرصي تائين رهندا، ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪندا، ۽ ڪنهن شيءِ جي اُڪريل شڪل جوڙيندا، ۽ اهڙو ڪم ڪندا جو خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خراب هوندو، جنهنڪري هو ڪاوڙبو؛


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهين جلد ئي پوريءَ طرح تباهہ ٿي ويندا؛ اوهين اتي گهڻا ڏينهن ڪين گذاريندا، پر بلڪل ئي برباد ٿي ويندا.


پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“


تڏهن ماڻهن يشوع کي چيو، تہ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ اسين ضرور خداوند جي عبادت ڪنداسين.


پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو.


پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين شرارت جهڙا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ ٻئي چٽ ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ