Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جا ابا ڏاڏا اڳئين زماني ۾ نديءَ جي هن ڀر رهندا هئا، يعني تارح، ابرهام جو پيءُ، ۽ نحور جو پيءُ: ۽ اُهي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اڳئين زماني ۾، اوهان جا ابا ڏاڏا توڙي تارح، ابراهيم ۽ نحور جي پيءُ جي وقت تائين فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر رهندا هئا، جتي هو ٻين معبودن جي پوڄا ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سروج ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان نحور پيدا ٿيو:


جڏهن نحور اوڻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان تارح پيدا ٿيو:


جڏهن تارح ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا.


تارح جو نسب نامو هن ريت آهي: تارح مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا؛ ۽ حاران مان لوط پيدا ٿيو.


۽ لابن پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ويو هو، ۽ راخل پنهنجي پيءُ جا ٺاڪر چوري ڪري کڻي ويئي.


هاڻي توکي تہ ضرور وڃڻو آهي، جو پنهنجي پيءُ جي گهر جي اُڪير اٿئي، پر تو منهنجا ٺاڪر ڇو چورايا آهن؟


باقي جنهن وٽ تنهنجا ٺاڪر هجن، تنهن کي جيئرو نہ ڇڏ. جيڪي بہ تنهنجو مون وٽ هجي، سو اسان جي ڀائرن جي روبرو هلي ڳولهہ ۽ کڻي وڃ؛ ڇالاءِ جو يعقوب کي خبر ڪانہ هئي تہ راخل اُهي ٺاڪر چورائي آندا آهن.


ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


سو هنن وٽ جيڪي معبود هئا، ۽ سندن ڪنن ۾ جيڪي مندرا هئا، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون، ۽ يعقوب اهي سڀيئي، انهيءَ بلوط جي وڻ هيٺ لڪائي ڇڏيا، جيڪو سڪم وٽ بيٺل هو.


پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا، يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعانين جي زمين ۾ آهي: تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.


۽ اُهو يعقوب جو، ۽ اُهو اسحاق جو، ۽ اُهو ابراهيم جو، ۽ اُهو تاراہ جو، ۽ اُهو ناحور جو،


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ