Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ خدا آهي. جيئن تہ هو غيرت وارو خدا آهي، سو هو اوهان جي حڪم‌عدولي ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:19
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


ڀلي تہ اهي تنهنجي عظيم ۽ هيبتناڪ نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هو پاڪ آهي.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي.


خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


اوهين انهي جي ٻڌجو ۽ سندس چيو مڃجو، هن کي غصو نہ ڏيارجو، ڇالاءِ جو هو اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو؛ ڇو تہ انهي ۾ منهنجو نالو آهي.


اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.


هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“


ذليل ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، ۽ وڏو ماڻهو ذليل ٿئي ٿو: تنهن ڪري انهن کي معاف نہ ڪر.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.


پر لشڪرن جي خداوند جو درجو عدالت جي ڪري مٿي ڪيو ويو آهي.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.


تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي.


هن چيو تہ تڏهن هاڻي اهي ڌاريا معبود، جي اوهان منجهہ آهن، سي اُڇلائي ڇڏيو، تہ پنهنجي دل خداوند اسرائيل جي خدا سان لڳايو.


۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ.


۽ تنهنڪري مون عيلي جي گهر سان قسم کنيو آهي، تہ عيلي جي گهراڻي جو ڏوهہ قربانيءَ يا نذراني سان بہ ڪڏهن معاف ڪين ٿيندو.


۽ بيت شمس جي ماڻهن چيو تہ ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي اڳيان بيهي سگهندو؟ ۽ اسان وٽان اهو ڪنهن وٽ ويندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ