Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:18 - Sindhi Bible

18 ۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 خداوند اسان جي اڳيان سڀني قومن کي امورين سميت، جيڪي هتي هن زمين تي رهندا هئا ڀڄائي ڪڍيو. سو اسين پڻ انهيءَ ئي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اسان جو خدا آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.


تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.


خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.


آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.


۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو.


اهوئي تنهنجي تعريف جو حقدار آهي، اهو ئي تنهنجو خدا آهي، جنهن تنهنجي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺا.


ازلي خدا تنهنجي پناهہ آهي، ۽ هن جون مدامي ٻانهون تنهنجي هيٺان آهن: ۽ هن دشمن کي تنهنجي اڳيان ڌڪي ڪڍيو، ۽ چيائين تہ هن کي برباد ڪري ڇڏ.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ زبردست قومون هڪالي ڪڍيون آهن؛ ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگهيو آهي.


ڇالاءِ جو اهو خداوند اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، ٻانهپ جي گهر منجهان ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ جنهن اسان جي ڏسندي وڏا معجزا ڏيکاريا، ۽ جن رستن تي ٿي هلياسين، تن تي، ۽ جن قومن جي وچ مان ٿي لنگهياسين، تن ۾، اسان کي بچايو:


تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ