Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو اهو خداوند اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، ٻانهپ جي گهر منجهان ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ جنهن اسان جي ڏسندي وڏا معجزا ڏيکاريا، ۽ جن رستن تي ٿي هلياسين، تن تي، ۽ جن قومن جي وچ مان ٿي لنگهياسين، تن ۾، اسان کي بچايو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اهو خداوند اسان جو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي غلاميءَ جي گھر يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اسان جي سامهون وڏا وڏا معجزا ڪيائين. هن سڄي سفر دوران ۽ جن قومن مان ٿي لنگھياسين تن منجھہ اسان جي حفاظت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسان جي لاءِ خداوند اسان جو خدا آهي، ۽ اسان انهيءَ کي نہ ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان وٽ هارون جا پٽ، خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن آهن، ۽ لاوي پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن:


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


تہ اوهان ڏٺو آهي تہ مون مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڄڻ تہ اوهان کي عقاب جي کنڀن تي کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.


۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.


موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛


ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.


يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو.


تڏهن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ خدا پناهہ ڏئي جي اسين خداوند کي ڇڏي ٻين معبودن جي عبادت ڪريون؛


۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ