Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ خدا پناهہ ڏئي جي اسين خداوند کي ڇڏي ٻين معبودن جي عبادت ڪريون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن تي ماڻهن وراڻيو تہ ”خدا نہ ڪري جو اسين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.


بلڪل نہ، تڏهن خدا ڪهڙيءَ طرح جهان جو انصاف ڪندو؟


اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟


خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


ڇالاءِ جو اهو خداوند اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، ٻانهپ جي گهر منجهان ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ جنهن اسان جي ڏسندي وڏا معجزا ڏيکاريا، ۽ جن رستن تي ٿي هلياسين، تن تي، ۽ جن قومن جي وچ مان ٿي لنگهياسين، تن ۾، اسان کي بچايو:


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ