Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:15 - Sindhi Bible

15 ۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:15
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


تڏهن يعقوب پنهنجي خاندان ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ڌاريا معبود آهن، تن کي ڇڏي ڏيو، ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو:


پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.


مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.


گهڻن جي پيروي ڪري تون ڪابہ بڇڙائي نہ ڪج؛ نڪي ڪنهن معاملي ۾ گهڻن جو طرف وٺي ناحق ڪرڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڀرج؛


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛


باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.


پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ توکي خبر هجي تہ اسين تنهنجن معبودن جي عبادت ڪين ڪنداسين، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪنداسين.


پوءِ هو ٻيا پهڻ کڻي، انهن پهڻن جي جاءِ تي وجهن؛ ۽ هو ٻي مٽي آڻي گهر جي لنب ڪرائي،


هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي خدا جي نالي تي هلندي، ۽ اسين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هلنداسين.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛


تڏهن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ خدا پناهہ ڏئي جي اسين خداوند کي ڇڏي ٻين معبودن جي عبادت ڪريون؛


۽ مون اوهان کي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ ۽ اموري جن جي زمين ۾ اوهين رهو ٿا، تن جي معبود جو اوهين متان خوف ڪريو، پر اوهان منهنجو آواز نہ ٻڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ