Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:13 - Sindhi Bible

13 ۽ مون اوهان کي هڪڙي زمين ڏني، جنهن تي اوهان ڪابہ محنت نہ ڪئي هئي، ۽ مون اوهان کي شهر ڏنا، جي اوهان نہ ٻڌا هئا، ۽ جن ۾ اوهين رهو ٿا؛ ۽ اُنهن ڊاک جي ۽ زيتون جي باغيچن مان کائو ٿا، جي اوهان نہ پوکيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 مون اوهان کي زمين ڏني جنهن تي اوهان ڪابہ محنت ڪانہ ڪئي هئي ۽ اهي شهر بہ جيڪي اوهان نہ ٻڌا هئا. هاڻ اوهين انهن ۾ رهو ٿا ۽ انهن جي انگورن جي باغن ۽ زيتون جي وڻن مان کائو ٿا جيڪي اوهان نہ پوکيا هئا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.


جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين،


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي هڪڙي چڱي ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ملڪ ۾ پاڻيءَ جون نهرون، ۽ چشما، ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن؛


باقي جيڪي شهر ٽڪر تي مضبوط بيٺا هئا، تن مان ڪنهن کي بہ اسرائيل نہ ساڙيو، سواءِ انهي هڪڙي حصور کي جنهن کي يشوع ساڙي ڇڏيو.


ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ