Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:12 - Sindhi Bible

12 ۽ مون اوهان جي اڳيان چيلاٽو موڪليو، جنهن هنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، يعني امورين جي ٻنهي بادشاهن کي، نہ اوهان جي ترار سان، نڪي اوهان جي ڪمان سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مون اوهان جي اڳيان اڳيان ٻن اموري بادشاهن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو ۽ اهي اوهان جي اڳيان وٺي ڀڳا. انهن کي اوهان جي تلوار يا تيرڪمان ڪونہ ڀڄايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

امورين جي بادشاهہ صيون کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهتن کي.


جبل انهيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويا، ۽ انهيءَ جا ڏار خدا جي ديوارن جهڙا هئا.


تو انهيءَ جي واسطي جاءِ تيار ڪئي، ۽ انهيءَ جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي ۽ ملڪ کي ڀري ڇڏيائين.


آءٌ توکان اڳ ۾ چيلاٽا موڪليندس، جي حوين، ڪنعانين ۽ حتين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندا.


آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.


انهيءَ طرح اسرائيلي امورين جي ملڪ ۾ رهڻ لڳا.


۽ موسيٰ يعزير شهر جي جاسوسيءَ لاءِ ماڻهو موڪليا، ۽ هنن انهي جا شهر وڃي هٿ ڪيا، ۽ جيڪي اموري اتي هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.


۽ خداوند انهن سان ائين ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج سان، ۽ انهن جي ساري ملڪ سان ڪيو هئائين؛ جن کي هن برباد ڪري ڇڏيو.


يردن جي هن ڀر بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ چئي ٻڌايا؛ يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جو حسبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ماريو:


۽ هن جو، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو، ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو، يعني امورين جي انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪ ۾ جو يردن جي هن ڀر اڀرندي پاسي؛


انهي کان سواءِ خداوند تنهنجو خدا انهن ۾ چيلاٽا موڪليندو، ۽ جيڪي انهن مان بچي ويا هوندا، ۽ توکان لڪي ويا هوندا، تن کي تنهنجي اڳيان تباهہ ڪري ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح، جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؛ ۽ امورين جا ٻہ بادشاهہ، سيحون ۽ عوج، جي يردن جي هن ڀر هئا، تن سان اوهان ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن انهن کي تباهہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ