Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 23:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 23:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن بتن جي عبادت ڪئي، جنهن جي نسبت ۾ خداوند هنن کي چيو هو تہ اهو ڪم متان ڪريو.


انهيءَ ڳالهہ ۾ شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي معاف ڪري؛ جڏهن منهنجو ڌڻي رمون جي گهر ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي ۽ منهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏئي، ۽ آءٌ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان، جڏهن آءٌ پاڻ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان تڏهن شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ ۾ معافي ڏئي.


پر جي اوهين ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ منهنجا قاعدا ۽ حڪم ڇڏي ڏيندا، جي مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن ۽ وڃي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڏيندا:


جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.


اُهي تنهنجي ملڪ ۾ نہ رهندا، متان توکي منهنجو گنهگار ڪن؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪندين، تہ اهو ضرور تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


شريرن جي رستي ۾ نہ گِهڙ، ۽ خراب ماڻهن جي واٽ تي نہ هل.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا.


ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.


ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.


۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛


نبو ۽ بعل معون، (جن جا نالا بدلائي ڇڏيائون) ۽ شبماہ جا شهر جوڙيا: ۽ جيڪي شهر جوڙيائون، تن کي ٻيا نالا ڏنائون.


پر جيڪڏهن اوهين ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندا؛ تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا، سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر، ۽ اوهانجن پاسن ۾ ڪنڊن وانگر ٿيندا، ۽ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا، تنهن ۾ اهي اوهان کي ستائيندا.


ٺڳجي نہ وڃو، بڇڙي سنگت چڱيون عادتون بگيڙيون ڇڏي.


۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


اوهين ٻين معبودن جي، يعني جيڪي قومون اوهان جي آس پاس ٿيون رهن، تن جي معبودن جي پيروي نہ ڪجو؛


نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ رستي اوهين ڦري ويندا، ۽ انهن باقي رهيلن قومن سان، يعني انهن سان جي اوهان منجهہ رهيل آهن، گڏجي ويندا ۽ انهن سان شاديون ڪندا، ۽ هو اوهان مان شاديون ڪندا، ۽ اوهين هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا:


پر خداوند پنهنجي خدا سان چهٽيا رهجو، جيئن اڄ ڏينهن تائين رهيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ