Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 23:5 - Sindhi Bible

5 ۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ٿڏي ڪڍندو، ۽ اوهان جي نظر کان پري ڪندو؛ ۽ انهن جي زمين اوهان کي ورثي ۾ ملندي، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خداوند اوهان جو خدا پاڻ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندو. هو انهن کي اوهان کان پوئتي ڌڪيندو ۽ اوهين انهن جي زمين تي قبضو ڪري ويندا، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 23:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ تنهنجي نگهباني ڪري، ۽ جيڪا جاءِ مون تنهنجي لاءِ تيار ڪئي آهي تنهن ۾ توکي پهچائي.


۽ آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان موڪليندس، ۽ آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فريزين، حوين ۽ يبوسين کي هڪالي ڪڍندس.


جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو تنهن تي عمل ڪج: ڏس، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فريزين، حوين، ۽ يبوسين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان.


تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو، ۽ اوهين انهن قومن تي قبضو ڪندا جي اوهان کان وڏيون ۽ زور واريون آهن.


ڪوهستان جا سڀيئي رهاڪو، لبنان کان وٺي مسرفات المائم تائين ۽ سڀ صيداني بہ، انهن سڀني کي آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس: تون فقط انهيءَ کي ورهائي اسرائيل کي ورثو ڪري ڏي، جيئن مون توکي فرمايو آهي.


تنهنڪري جيڪي قومون يشوع وفات ڪرڻ مهل ڇڏي ويو هو، تن کي آءٌ بہ هنن جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ