Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 23:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن يشوع سڀني اسرائيلين کي، سندن بزرگن ۽ سندن رئيسن کي، ۽ سندن قاضين ۽ سندن عملدارن کي، سڏائي چيو، تہ آءٌ پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿيو آهيان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن يشوع سڄي بني اسرائيل کي يعني انهن جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي سڏائي چيو تہ ”هاڻ آءٌ پيرسن ٿي ويو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 23:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هنن ڪپڙن سان گهڻو ئي ڍڪيس، پر هن ۾ گرمي پيدا نہ ٿي.


پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.


۽ ڪاهنن ۽ لاوين سان گڏ هن اسرائيل جي سڀني سردارن کي گڏ ڪيو.


۽ ڊاکن جي منهن مٿان سمعي راماتي هو: ۽ شراب جي بهرن واسطي ۽ انگور جي واڌاري لاءِ زبدي شفمي هو:


۽ دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن، يعني فرقن جي سردارن، ۽ ٽولين جي منهندارن کي، جي ترتيب وار بادشاهہ جي خدمت ڪندا هئا، ۽ هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ بادشاهہ جي ۽ سندس پٽن جي سڀ مال مويشيءَ جي سردارن، ۽ خواجہ سرائن، ۽ بهادر، بلڪ سڀني زبردست بهادر مردن کي يروشلم ۾ گڏ ڪيو.


اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني بزرگن کي، ۽ پنهنجي عملدارن کي مون وٽ وٺي اچو، تہ آءٌ انهن جي ٻڌندي هي ڳالهيون چوان، ۽ آسمان ۽ زمين کي مٿن شاهد ڪريان.


هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


۽ جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي، جو اوهان جي پاران وڙهيو آهي.


۽ يشوع اسرائيل جا سڀ فرقا سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيا، ۽ اسرائيل جي بزرگن کي، ۽ رئيسن کي، ۽ قاضين کي، ۽ عملدارن کي گهرايائين؛ ۽ اُهي اچي خدا جي اڳيان حاضر ٿيا.


۽ هاڻي ڏسو اُهو بادشاهہ اوهان جي اڳيان هلي ٿو: ۽ آءٌ ٻڍو آهيان، ۽ منهنجو مٿو اڇو ٿيو آهي؛ ۽ ڏسو، منهنجا پٽ اوهان سان آهن: ۽ آءٌ ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳيان پئي هليو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ