Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 23:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هيئن ٿيندو تہ جهڙيءَ طرح اُهي سڀ ڳالهيون اوهان تي اچي بيٺيون آهن، جن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان کي خبر ڏني، تهڙيءَ طرح سڀ خراب ڳالهيون بہ خداوند اوهان تي آڻيندو، جيستائين هو اوهان کي ناس ڪري، ۽ اها چڱي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن تان اوهان کي اُگهي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا جو هر سٺو واعدو پورو ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح هو اهي سڀ خراب ڳالهيون بہ اوهان تي آڻيندو جنهن جي هن ڌمڪي ڏني آهي، جيستائين هو اوهان کي هن چڱيءَ زمين تان ناس نہ ڪري ڇڏي، جيڪا هن اوهان کي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 23:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن.


شل خداوند برڪت وارو هجي جنهن پنهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجي ڪيل انجام موجب آرام ڏنو آهي: جيڪو جيڪو چڱو واعدو هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان ڪيو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گُٿو آهي.


تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن مون هي وڏي خرابي هن قوم تي آندي آهي تيئن آءٌ هنن تي جنهن چڱائي جو ساڻن انجام ڪيو اٿم سا سڀ هنن تي آڻيندس.


تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.


جيڪڏهن اوهين منهنجن قانونن تي هلندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا؛


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي اسرائيل تي غالب ڪيو، ڇالاءِ جو هنن اهڙا ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.


پوءِ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند انهن کي ست ورهيہ مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ