Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 23:14 - Sindhi Bible

14 ۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هاڻ آءٌ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان جتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي. اوهين سڀيئي پنهنجين دلين ۾ ڄاڻو ٿا تہ خداوند خدا اهي سڀ چڱيون ڳالهيون پوريون ڪيون آهن، جن جو هن اوهان سان واعدو ڪيو هو. هر هڪ واعدو پورو ٿيو آهي، ڪوبہ نہ گُٿو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 23:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.


آءٌ جهان وارو رستو وٺيو ٿو وڃان: تنهنڪري تون مضبوط ٿيءُ ۽ مڙس ماڻهو ٿي هل؛


شل خداوند برڪت وارو هجي جنهن پنهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجي ڪيل انجام موجب آرام ڏنو آهي: جيڪو جيڪو چڱو واعدو هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان ڪيو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گُٿو آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪين ٽرندو.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ