Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 23:13 - Sindhi Bible

13 تہ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا وري ڪڏهن بہ انهن قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندو؛ اُٽلندو اُهي اوهان جي لاءِ ڦاسي ۽ دام ٿيندا، ۽ اوهانجن پاسن ۾ آفت ٿيندا، ۽ اوهانجين اکين لاءِ ڪنڊا ٿيندا، ۽ نيٺ اُها عمدي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي، تنهن تان اوهين مري کپي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 23:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان ٻڍو ٿيو، تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي ٻين معبودن ڏي ڪئي: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي ڪامل نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي.


تنهنڪري خداوند اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهن کي پنهنجي اکين کان ٽاري ڇڏيائين: يهوداہ جي فرقي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بچيو.


۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هنن کي قتل ڪرايو. انهيءَ طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان کڄي ويو.


۽ سڀ ماڻهو، ننڍا توڙي وڏا ۽ لشڪر جا سردار اُٿيا ۽ مصر ۾ آيا: ڇالاءِ جو اُهي ڪلدين کان ڊنا ٿي.


شل انهن جو دسترخانو انهن لاءِ ڦندو ٿئي؛ ۽ جڏهن اهي سلامتيءَ ۾ هجن تڏهن اها سندن لاءِ ڦندو ٿي پوي.


تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟


اُهي تنهنجي ملڪ ۾ نہ رهندا، متان توکي منهنجو گنهگار ڪن؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪندين، تہ اهو ضرور تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


خبردار، جنهن ملڪ ۾ تون وڃين ٿو، تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪج، متان اهو اوهان جي وچ ۾ ڦندو ٿي پوي.


۽ تون انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن لاءِ وٺين، ۽ انهن جون ڌيون پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي زناڪاري ڪن، ۽ تنهنجن پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پيروي ڪرائي زناڪار ٺهرائين.


۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ وري ڪڏهن بہ چُڀندڙ ڪانڊيرو يا سندن چوڌاري ايذاءُ ڏيندڙ ڪنڊو ڪونہ رهندو؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


پر جيڪڏهن اوهين ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندا؛ تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا، سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر، ۽ اوهانجن پاسن ۾ ڪنڊن وانگر ٿيندا، ۽ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا، تنهن ۾ اهي اوهان کي ستائيندا.


۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.


۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


تہ پوءِ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي چتايان ٿو، تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهان جي عمر گهٽجي ويندي.


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهين جلد ئي پوريءَ طرح تباهہ ٿي ويندا؛ اوهين اتي گهڻا ڏينهن ڪين گذاريندا، پر بلڪل ئي برباد ٿي ويندا.


۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.


تنهنڪري جيڪي قومون يشوع وفات ڪرڻ مهل ڇڏي ويو هو، تن کي آءٌ بہ هنن جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ