انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.
رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو.