Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:8 - Sindhi Bible

8 ۽ چيائين تہ گهڻي دولت سان، ۽ گهڻي چوپائي مال سان، ۽ روپي ۽ سون، ۽ پتل ۽ لوهہ، ۽ گهڻن ڪپڙن سان پنهنجن تنبن ڏي موٽي وڃو: پنهنجن دشمنن جي ڦرلٽ جو مال پنهنجن ڀائرن سان وڃي ورهائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُڀرندي ڏانهن هو فرات نديءَ کان بيابان جي گهڙڻ جي هنڌ تائين رهندو هو: ڇالاءِ جو هنن جو چوپايو مال جلعاد جي زمين ۾ وڌي گهڻو ٿيو.


تنهن ڪري خداوند بادشاهت انهيءَ جي هٿ ۾ قائم ڪئي، ۽ سڄي يهوداہ يهوسفط وٽ نذرانا آندا؛ ۽ هن وٽ دولت ۽ عزت نهايت گهڻي ٿي.


۽ حزقياہ کي تمام گهڻي دولت ۽ عزت حاصل ٿي: ۽ هن پنهنجي لاءِ چاندي، ۽ سون، ۽ قيمتي جواهر ۽ مصالحن، ۽ سپرن ۽ هر قسم جي سهڻن باسڻن جا خزانا گڏ ڪيا؛


لشڪرن جا بادشاهہ ڀڄي ويا، اهي جلد ڀڳا: ۽ جا زال گهر ۾ ويٺي هئي تنهن لٽ جو مال ورهايو.


عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.


۽ اهو لٽ جو مال اوهين ٻن حصن ۾ ورهايو؛ هڪڙو حصو اُنهن جنگي جوانن کي ڏيو، جيڪي جنگ تي ويا هئا، ۽ ٻيو حصو ساريءَ جماعت کي ڏيو:


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي.


۽ جڏهن هو انهي کي اُتي وٺي آيو تڏهن ڏسن تہ هو سڀ زمين تي پکڙيا ويٺا آهن، ۽ پيا کائن، ۽ پيئن، ۽ مزا ماڻين، ڇالاءِ جو هنن فلستين جي ملڪ مان، ۽ يهوداہ جي ملڪ مان گهڻو لٽ جو مال آندو هو.


۽ اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ ڇالاءِ جو جيڪو جنگ تي وڃي ٿو تنهن کي بہ اهڙو ئي حصو ملندو جهڙو انهي کي جو سامان وٽ ترسي ويهي رهي ٿو: ٻنهين کي هڪجهڙو حصو ملڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ