Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:6 - Sindhi Bible

6 پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6-8 جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.


پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني.


۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن لشڪرن جي خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.


۽ هن سڄي قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، يعني مردن توڙي زالن مان هرهڪ کي هڪڙي لولي، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.


پوءِ دائود پنهنجي گهراڻي کي برڪت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو. ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود کي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ اڄ اسرائيل جو بادشاهہ ڪهڙو نہ جلال وارو هو جو هن پاڻ کي پنهنجن نوڪرن جي ٻانهين جي ڏسندي اُگهاڙو ڪيو، جيئن ڪ ڪميڻو ماڻهو بي شرم ٿي پاڻ کي اُگهاڙو ڪري.


۽ اٺين ڏينهن هن ماڻهن کي موڪلي ڏنو، ۽ اُهي بادشاهہ کي دعائون ڪندا پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ويا، ۽ جيڪا ڀلائي خداوند پنهنجي ٻانهي دائود، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي، تنهن جي ڪري هو دل ۾ خوش ۽ سرها هئا.


ڇالاءِ جو قوم مان تمام گهڻن ماڻهن، يعني افرائيم ۽ منسي، اشڪار ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تڏهن بہ هنن جيئن لکيل هو تيئن نہ، پر ٻئي طرح فسح کاڌي. ڇالاءِ جو حزقياہ هنن جي پاران دعا گهري هئي ۽ چيو هئائين تہ شل نيڪ خداوند سڀ ڪنهن کي بخشي


۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين.


تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين.


پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي ورثي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.


تڏهن سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جو قاعدو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ اُهو هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين، ۽ اُهو خداوند جي اڳيان رکيائين، پوءِ سموئيل سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ڪري ڇڏيو.


۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ عيليءَ القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪري چيو تہ شل خداوند توکي اُنهي دعا جي ڪري، جا تو خداوند کان گهري هئي، هن زال مان اولاد ڏئي. پوءِ هو پنهنجي گهر هليا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ