Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:33 - Sindhi Bible

33 اُهو ٻڌي بني اسرائيل خوش ٿيا؛ ۽ بني اسرائيل خدا جو شڪرانو ڪيو، ۽ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي وڃڻ، ۽ جنهن ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد رهندا هئا، تنهن کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 اُهو احوال ٻڌي بني اسرائيل مطمئن ٿيا ۽ خدا جو شڪر ڪيائون. سو هنن انهن سان جنگ ڪري انهيءَ ملڪ کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيو جنهن ۾ بني روبن ۽ بني جد رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:33
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ساري جماعت کي چيو تہ، هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڏيو. ۽ ساريءَ جماعت خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي دعا ڏني ۽ سر جهڪائي، خداوند ۽ بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.


جيئن ٿڌو پاڻي اُڃايل جان جي لاءِ، تيئن اها خوشخبري جا پرانهين ملڪ کان اچي.


تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.


تڏهن هن کيس هنج ۾ کڻي خدا جي تعريف ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ


۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون.


جڏهن هنن اُهو پڙهيو، تڏهن جا تسلي مِليَنِ، تنهنڪري خوش ٿيا.


۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.


۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا.


پوءِ فينحاس بن اليعزر ڪاهن ۽ اُهي سردار، بني روبن، ۽ بني جد وٽان جلعاد جي ملڪ مان موٽيا، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ آيا، ۽ ورندو احوال انهن کي ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ