Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:31 - Sindhi Bible

31 ۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ فينحاس ڪاهن کين چيو تہ ”هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان ساڻ آهي. انهيءَ ڪري جو اوهان خداوند کان باغي نہ ٿيا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي سزا کان بچايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي.


۽ هو پنهنجي لاءِ هڪڙو پاڪ مڪان جوڙين، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان.


اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا.


پوءِ فينحاس بن اليعزر ڪاهن ۽ اُهي سردار، بني روبن، ۽ بني جد وٽان جلعاد جي ملڪ مان موٽيا، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ آيا، ۽ ورندو احوال انهن کي ڏنائون.


۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ