Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:30 - Sindhi Bible

30 ۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ ڏهن قبيلن جي اڳواڻن اهي ڳالهيون ٻڌيون، جيڪي بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ساڻن ڪيون تڏهن هو مطمئن ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عيسوءَ اهو بہ ڏٺو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نٿيون وڻن:


۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي ۽ ساري جماعت جي نظر ۾ چڱي هئي.


۽ اها ڳالهہ بادشاهہ ۽ اميرن کي پسند آئي؛ ۽ بادشاهہ، مموڪان جي چوڻ موجب ڪيو:


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


۽ جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي تعريف ڪري چيائون تہ تڏهن خدا غير قومن کي بہ زندگيءَ جي لاءِ توبهہ جي توفيق بخشي آهي.


خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.


۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.


اُهو ٻڌي بني اسرائيل خوش ٿيا؛ ۽ بني اسرائيل خدا جو شڪرانو ڪيو، ۽ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي وڃڻ، ۽ جنهن ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد رهندا هئا، تنهن کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيائون.


خدا مديانين جا شهزادا عوريب ۽ زئيب اوهان جي هٿ ۾ ڏنا آهن: اوهان جي مقابلي ۾ آءٌ ڇا ڪري سگهيس! تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي هنن جي جيڪا ڪاوڙ مٿس هئي سا جهڪي ٿي.


تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تون سچو رهيو آهين، ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي: ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺي آهي: انهي هوندي بہ سردار تو مان راضي نہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ