Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:29 - Sindhi Bible

29 خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 خدا ائين نہ ڪري جو اسين خداوند کان باغي ٿيون ۽ کانئس منهن موڙيون جو اسين خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربان‌گاهہ سندس مقدس خيمي جي اڳيان آهي، تنهن کي ڇڏي ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني ۽ ٻين قربانين لاءِ ڪا ٻي قربان‌گاهہ ٺاهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:29
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف چيو تہ خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان: جنهن ماڻهوءَ وٽان منهنجو پيالو نڪتو آهي، سو ئي منهنجو غلام ٿيندو؛ باقي اوهين ٻيا صحيح سلامت پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو.


تڏهن هنن چيس تہ اسان جو مالڪ ائين ڇو ٿو چوي؟ شل خدا نہ ڪري، جو تنهنجا ٻانها اهڙو ڪم ڪن.


۽ نبوت اخي آب کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي ڏيان.


پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ اسان جو ڀروسو خداوند اسان جي خدا تي آهي: تہ هو اهو نہ آهي ڇا جنهن جون مٿانهيون جايون ۽ جنهن جون قربانگاهون حزقياہ ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ جنهن يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو آهي تہ اوهين يروشلم ۾ هن قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪجو؟


ساڳئي حزقياہ ان جون مٿانهيون جايون ۽ ان جون قربانگاهون ڪڍي نہ ڇڏيون آهن ڇا، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي نہ چيو اٿس ڇا تہ اوهين هڪڙي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو ۽ انهيءَ تي لوبان ساڙيو؟


بلڪل نہ، تڏهن خدا ڪهڙيءَ طرح جهان جو انصاف ڪندو؟


اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟


تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ!


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛


تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ:


تنهنڪري اسان چيو تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن ايندڙ وقت ۾ هو اسان کي، يا اسانجين پوين پيڙهين کي ائين چون، تہ اسين بہ چئون تہ اِجهو خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو، جو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو، نہ سوختني قرباني يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ؛ پر انهيءَ لاءِ تہ اُها اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهي.


۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا.


تڏهن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ خدا پناهہ ڏئي جي اسين خداوند کي ڇڏي ٻين معبودن جي عبادت ڪريون؛


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ