Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:27 - Sindhi Bible

27 پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لابن چيو تہ اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو جلعاد رکيو ويو:


ڀلي تہ هي ڍڳ ۽ هي ٿنڀ شاهد هجن، تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي لاءِ هي ڍڳ لنگهي تو ڏانهن ايندس، ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ ٿنڀ لنگهي مون ڏانهن ايندين.


خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.


انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي.


تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ:


تنهنڪري اسان چيو تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن ايندڙ وقت ۾ هو اسان کي، يا اسانجين پوين پيڙهين کي ائين چون، تہ اسين بہ چئون تہ اِجهو خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو، جو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو، نہ سوختني قرباني يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ؛ پر انهيءَ لاءِ تہ اُها اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهي.


۽ بني روبن ۽ بني جد انهيءَ قربانگاهہ کي عيد جو نالو ڏنو، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اها انهي ڳالهہ جي اسان جي وچ ۾ شاهد آهي، تہ خداوند ئي خدا آهي.


پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو.


تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ