يشوع 22:26 - Sindhi Bible26 تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible26 اهو ئي سبب آهي جو اسان اها قربانگاهہ ٺاهي آهي، نہ انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون ۽ ٻيون قربانيون ڪريون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.