Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:25 - Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو اي بني روبن، ۽ بني جد، خداوند اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ يردن حد ٺهرائي آهي؛ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي: انهي طرح اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي خداوند جي خوف کان روڪي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 خداوند اسان ۽ اوهان بني روبن ۽ بني جد جي وچ ۾ اردن درياءُ کي سرحد مقرر ڪيو آهي، خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو نہ آهي.‘ سو اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد متان اسان جي اولاد کي خداوند جي عبادت کان روڪي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.


۽ جيڪي گناهہ يربعام ڪيا آهن، ۽ جيڪي هن اسرائيل کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل کي ڇڏي ڏيندو.


ڇالاءِ جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪيو، ۽ اسرائيل کان بہ گناهہ ڪرايائين؛ جنهنڪري هن خداوند اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو.


تڏهن مون هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ آسمان جو خدا اسان کي ڪامياب ڪندو؛ تنهنڪري اسين سندس ٻانها اُٿي اڏينداسين: پر اوهان جو يروشلم ۾ نڪو حصو آهي، نہ حق، نہ يادگار.


خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.


هن ڳالهہ ۾ تنهنجو نڪو حصو آهي نڪو ورثو: ڇالاءِ جو تنهنجي دل خدا جي اڳيان سچي نہ آهي.


بلڪ اسان خيال ۽ ارادي سان ائين ڪيو آهي، جو چيوسين تہ متان ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي، تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟


تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ:


پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.


تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ