Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:24 - Sindhi Bible

24 بلڪ اسان خيال ۽ ارادي سان ائين ڪيو آهي، جو چيوسين تہ متان ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي، تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هرگز نہ، اسان ائين انهيءَ ڪري ڪيو آهي جو سوچيوسين تہ متان ڪڏهن اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي تہ ’خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:24
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


۽ اڳتي بہ جڏهن منهنجي اُجوري جو وقت ايندو، تڏهن انهيءَ طرح منهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان ثابت ٿيندي: ٻڪرين ۾ جيڪا چٽڪمري ۽ ابلق نہ هوندي، ۽ رڍن ۾ جيڪا ڪاري نہ هوندي، سا چورايل سمجهبي.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


جڏهن ايندڙ زماني ۾ تنهنجو پٽ تو کان پڇي، تہ هي شاهديون، ۽ قانون، ۽ فيصلا جي خداوند اسان جي خدا، اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟


۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛


ڇالاءِ جو اي بني روبن، ۽ بني جد، خداوند اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ يردن حد ٺهرائي آهي؛ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي: انهي طرح اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي خداوند جي خوف کان روڪي ڇڏي.


تہ ڀلي اوهان ۾ اها هڪڙي نشاني هجي، ۽ جڏهن ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ هنن پٿرن جو ڪهڙو مطلب آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ