Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:20 - Sindhi Bible

20 زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جڏهن زارح جي گھراڻي مان عڪن خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ وارين شين جي باري ۾ نافرماني ڪئي هئي، تہ ڇا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي غضب نازل نہ ٿيو هو؟ رڳو عڪن ئي پنهنجي گناهہ جي ڪري تہ ناس نہ ٿيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوءِ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي ڇڏي ڏنو، ۽ يسيرتن ۽ بُتن جي بندگي ڪرڻ لڳا؛ ۽ انهيءَ گناهہ ڪرڻ ڪري يهوداہ ۽ يروشلم تي غضب نازل ٿيو.


تنهنجي شرارت تو جهڙي انسان کي نقصان پهچائي سگهندي؛ ۽ تنهنجي سچائي ڪنهن آدمزاد کي فائدو رسائي سگهندي.


۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.


هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي.


تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اسرائيل جي هزارن جي رئيسن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ


بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


۽ هن پنهنجو گهراڻو ماڻهو ماڻهو ڪري آندو؛ ۽ عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، جو يهوداهہ جي فرقي جو هو، سو پڪڙيو ويو.


۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون.


۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.


۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ