Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:19 - Sindhi Bible

19 پر جي اوهان جي موروثي زمين ناپاڪ هجي، تہ اوهين لنگهي خداوند جي ملڪيت واري زمين ۾ اچو، جنهن ۾ خداوند جي عبادتگاهہ وارو تنبو لڳل آهي، ۽ اسان سان گڏ حصو وٺو: پر خداوند کان باغي نہ ٿيو، ۽ نہ اسان جي برخلاف فساد ڪريو، جو خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کانسواءِ پنهنجي لاءِ ٻي قربانگاهہ ٿا ٺاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جيڪڏهن اها زمين جيڪا اوهان کي ورثي طور ملي آهي سا ناپاڪ آهي، تہ پوءِ اردن جي اولهہ طرف خداوند جي زمين ۾ لنگھي اچو، جتي سندس مقدس خيمو لڳل آهي ۽ زمين ۾ اسان سان گڏ حصو وٺو. پر خداوند اسان جي خدا جي قربان‌گاهہ کان سواءِ پنهنجي لاءِ ڪا ٻي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند ۽ اسان جي خلاف بغاوت نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڄي اسرائيل ۾ جيڪي ڪاهن ۽ لاوي هئا، سي پنهنجين سڀني سرحدن مان هن وٽ آيا.


تون انهن کي وٺي ويندين، ۽ پنهنجيءَ ميراث واري جبل تي کين وڻ وانگي لڳائيندين، يعني اها جاءِ، جيڪا اي خداوند، تو پنهنجي رهڻ جي لاءِ تيار ڪئي آهي؛ اها پاڪ ترين جاءِ، جيڪا اي خداوند، تنهنجن هٿن قائم ڪئي آهي.


پر فارس جي ملڪ جي بادشاهہ مون کي ايڪيهين ڏينهن تائين ترسايو؛ پر ڏس، وڏن اميرن مان هڪڙو، ميڪائيل، منهنجي مدد لاءِ آيو: ۽ آءٌ اُتي فارس جي بادشاهہ وٽ رهجي ويس.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ