Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:16 - Sindhi Bible

16 خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي اٿوَ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري،


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندا، تہ هو وري بہ هنن کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو؛ ۽ اوهين هنن سڀني ماڻهن کي برباد ڪندا.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.


پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ