Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:15 - Sindhi Bible

15 پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:15
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوآب چيو تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي سؤ ڀيرا زيادہ وڌائي: پر اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اهي سڀ منهنجي ڌڻيءَ جا ٻانها نہ آهن ڇا؟ منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ ڪرڻ ڇو ٿو گهُري؟ هو اسرائيل جي لاءِ گناهہ جو سبب ڇو ٿو ٿئي؟


ائين اسرائيلي دائود جي گهراڻي کان اڄ ڏينهن تائين باغي آهن.


هاڻي امصياہ جنهن وقت خدا جي پيرويءَ کان ڦريو، تنهن وقت کان وٺي ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏي اُٿي ڀڳو: پر هن جي پٺيان لڪيس ۾ بہ ماڻهو موڪليائون، جن وڃي اُتي ڪُٺس.


سي سڀ هن جي پٺيان ويا: ۽ انهن بادشاهہ عزياہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ اي عزياہ اهو تنهنجو ڪم ناهي تہ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، پر اهو هارون جي پٽن، يعني ڪاهنن جو ڪم آهي، جي لوبان ساڙڻ لاءِ پاڪ ڪيا ويا آهن: پاڪ جاءِ مان نڪري وڃ؛ ڇالاءِ جو تو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ انهيءَ مان خداوند خدا جي طرفان توکي عزت حاصل نہ ٿيندي.


۽ انهن کي چيائون تہ قيدين کي متان هيڏي آڻيو: ڇالاءِ جو اوهين اُهو ڪم ڪرڻ ٿا گهرون جو اسان تي خداوند جي برخلاف هڪڙو ڏوهہ آڻيندو، ۽ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ وڌائيندو: ڇالاءِ جو اسان وڏو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ اسرائيل تي سخت ڪاوڙ نازل ٿي آهي.


اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


ڇالاءِ جو هنن انهن جون ڌيئرون پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ ورتيون آهن؛ جنهن ڪري پاڪ نسل وارا، ملڪن جي ٻين قومن سان گڏجي پيا آهن: هائو، انهيءَ گناهہ ۾ اميرن ۽ حاڪمن جو هٿ زيادہ آهي.


۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو.


جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


۽ جڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا، ۽ قبولدار ٿيندا، تہ جيڪا منهنجي نافرماني ڪري هو منهنجي برخلاف هليا آهن،


هيءَ خطا جي قرباني آهي: جو هو بيشڪ خداوند جي حضور ۾ ڏوهاري ٿيو آهي.


ڇالاءِ جو اتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان جي سامهون آهن، ۽ اوهين ترار سان مارجي ويندا: اوهين خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويا آهيو، انهي ڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندا، تہ هو وري بہ هنن کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو؛ ۽ اوهين هنن سڀني ماڻهن کي برباد ڪندا.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا زال، ڪو اهڙو گناهہ ڪري، جهڙو ماڻهو ڪندا آهن، ۽ خداوند جي حڪم عدولي ڪري ڏوهاري ٿئي:


۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.


هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو.


جڏهن اوهين ۽ منهنجو روح خداوند يسوع جي قدرت سان پاڻ ۾ گڏجو،


پر جيڪڏهن تنهنجي دل ڦري ويندي، ۽ تون نہ ٻڌندين، ۽ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي ٻين معبودن جي بندگي ۽ عبادت ڪندين؛


ڇالاءِ جو هو تنهنجي پٽ کي منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦيرائينديون، انهي لاءِ تہ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪري: جنهنڪري خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ جلد اوهان کي برباد ڪري ڇڏي.


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ مٿن چڙهي وڃن.


۽ هن سان گڏ ڏهہ امير بہ موڪليائون، يعني اسرائيل جي هرهڪ فرقي مان هرهڪ اباڻي خاندان جو هڪ هڪ امير؛ ۽ انهن مان هرهڪ اسرائيل جي هزارن جو، پنهنجي پنهنجي اباڻي خاندان جو رئيس هو.


خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟


جو اوهين اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ٿا موڙيو؟ ۽ هيئن ٿيندو تہ اڄ خداوند کان باغي ٿيڻ ڪري، سڀاڻي هو اسرائيل جي سڄي جماعت تي ڪاوڙبو.


ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ