Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:11 - Sindhi Bible

11 ۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر جڏهن ٻين بني اسرائيل وارن کي ٻڌايو ويو تہ ”بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ڪنعان جي سرحد تي اردن درياءَ جي ويجھو اسان بني اسرائيل واري پاسي تي قربان‌گاهہ ٺاهي آهي،“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي ڳالهيون يردن جي پرئين ڀر بيت عنياہ ۾ ٿيون، جتي يوحنا بپتسما ٿي ڏني.


هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي.


تہ ڏسي تہ جتي يسوع جو لاش پيل هو، اُتي ٻہ ملائڪ اڇن ڪپڙن سان ويٺا آهن، هڪڙو سيرانديءَ ۽ ٻيو پيرانديءَ.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ هو ماڻهو انهن جي پٺيان پيا، ۽ يردن جي گهير تائين ويا: جيئن اُهي نڪتا تيئن هنن شهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.


۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي.


خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟


پر جي اوهان جي موروثي زمين ناپاڪ هجي، تہ اوهين لنگهي خداوند جي ملڪيت واري زمين ۾ اچو، جنهن ۾ خداوند جي عبادتگاهہ وارو تنبو لڳل آهي، ۽ اسان سان گڏ حصو وٺو: پر خداوند کان باغي نہ ٿيو، ۽ نہ اسان جي برخلاف فساد ڪريو، جو خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کانسواءِ پنهنجي لاءِ ٻي قربانگاهہ ٿا ٺاهيو.


۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ