Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جو اڌ قبيلو ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اردن درياءَ جي ويجھو جليلوت وٽ پهتا تڏهن انهن اتي ئي هڪڙي شاندار قربان‌گاهہ ٺاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.


پوءِ يعقوب صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيڪو پهڻ مٿي هيٺان رکيو هئائين، سو کڻي اتي ٿنڀ وانگي کوڙي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ جي مٿان تيل اوتيائين.


انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو.


۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.


۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ