Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:45 - Sindhi Bible

45 ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 خداوند بني اسرائيل سان اهي سڀ ئي چڱا واعدا پورا ڪيا جيڪي هن ساڻن ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:45
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوڻ لڳو تہ، خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن پنهنجي وات سان منهنجي پيءُ دائود سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪري ڏيکاريائين، ۽ چيائين تہ


۽ خداوند جيڪا ڳالهہ ڪئي سا ثابت ڪري ڏيکاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند واعدو ڪيو هو، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.


تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو انجام ڪيو سو پورو ڪيو اٿيئي: هائو، تو پنهنجي وات سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


شل خداوند برڪت وارو هجي جنهن پنهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجي ڪيل انجام موجب آرام ڏنو آهي: جيڪو جيڪو چڱو واعدو هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان ڪيو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گُٿو آهي.


۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.


مون قديم وقت کان وٺي اڳوڻيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؛ هائو، اهي منهنجي وات مان نڪتيون ۽ مون اهي ظاهر ڪيون: مون اوچتو اهي ڪيون ۽ اهي پوريون ٿيون.


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


خدا سچو آهي، جنهن اوهان کي پنهنجي فرزند، اسان جي خداوند يسوع مسيح سان شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


جنهن اوهان کي سڏيو آهي، سو سچو آهي ۽ اُهو ائين ئي ڪندو.


هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي،


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ