Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:44 - Sindhi Bible

44 ۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 خداوند هنن کي هر طرف کان آرام ڏنو، جيئن هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. سندن سڀني دشمنن مان ڪو هڪڙو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگھيو، ڇو تہ خداوند کين سندن سڀني دشمنن تي فتح ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:44
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل يهوداہ جي اڳيان اٿي ڀڳا: ۽ خدا انهن کي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.


تڏهن خداوند چيو تہ منهنجي حضوري تو سان گڏجي هلندي، ۽ آءٌ توکي آرام ڏيندس.


خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو جهڙو واديءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي: اهڙيءَ طرح تو پنهنجيءَ اُمت جي سونهپ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ تون پنهنجو نالو جلال وارو ڪرين.


۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:


جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏئي، ۽ تون انهن کي قيد ڪري وٺي اچين،


تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.


خداوند جي ٻانهي موسيٰ جيڪي اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو سو ياد ڪريو، اهو هي آهي تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آرام ٿو ڏئي، ۽ اوهان کي هيءُ ملڪ ڏيندو.


جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.


تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.


۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.


هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.


۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ