Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:43 - Sindhi Bible

43 انهي طرح خداوند اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو، جنهن جي لاءِ هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين؛ ۽ اُهو هنن هٿ ڪيو ۽ انهي ۾ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 سو خداوند بني اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين. اُهو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:43
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.


شل توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد کي، ابرهام واري برڪت ڏئي، تہ هي ملڪ، جو خدا ابرهام کي ڏنو هو، ۽ جنهن ۾ تون مسافر ٿي پيو گذارين، سو توکي ورثي ۾ ملي.


۽ اهي ان ۾ رهي پيا ۽ اتي تنهنجي نالي لاءِ هنن هڪڙو پاڪ مڪان جوڙيو، ۽ چيائون تہ،


تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.


۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.


هن پنهنجو عهد هميشہ تائين ياد رکيو آهي، يعني اهو قول جو هزار پيڙهين جي لاءِ فرمايو اٿس؛


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:


۽ اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهي ۾ رهجو؛ ڇالاءِ جو مون اهو ملڪ اوهان کي ڏنو آهي.


بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ، تہ جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، (هي اهو ملڪ آهي، جو اوهان جو ورثو ٿيندو، يعني ڪنعان جو ملڪ سندس حدن موجب.)


ڇالاءِ جو اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي قبضو ڪري انهي ۾ رهندا.


جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪندو، جن کي قبضي ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ جڏهن تون انهن تي قبضو ڪري انهن جي ملڪ ۾ رهين؛


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ ۽ چوين تہ آءٌ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريان، جيئن منهنجي آس پاس وارين سڀني قومن ڪيو آهي؛


۽ خداوند هن کي چيو، تہ هي اهو ملڪ آهي، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو تہ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس: اهو مون توکي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون لنگهي انهي تائين نہ ويندين.


مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.


انهن مان هر ڪنهن شهر جي ٻهراڙي ان جي آس پاس هئي؛ ۽ انهن سڀني شهرن جو اهو حال هو.


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ