حبرونين مان يرياہ سردار، يعني حبرونين جي اباڻي گهراڻن جي نسب نامي موجب. دائود جي بادشاهت جي چاليهين ورهيہ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي ويئي، ۽ هو جلعاد جي يعزير وٽ زبردست بهادر مردن ۾ لڌا ويا.
اي سبماہ جي ڊاک آءٌ تنهنجي لاءِ يعزير جي روڄ کان وڌيڪ رئندس: تنهنجون ٽاريون سمنڊ جي مٿان لنگهي ويون، بلڪ اُهي يعزير جي سمنڊ تائين وڃي پهتيون: تنهنجن گرمي جي ميون تي ۽ تنهنجي ڊاک جي فصل تي ليٽندڙ اچي ڪڙڪيو آهي.
۽ ميدان جا سڀ شهر، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جي ڪل بادشاهت، جو حسبون ۾ بادشاهي ڪندو هو، ۽ جنهن کي موسيٰ مديان جي اميرن، اوي، ۽ رقم، ۽ صور، ۽ حور، ۽ ربع سان گڏ ماريو، اهي سڀ سيحون جا امير هئا، جي اُنهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.