Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:38 - Sindhi Bible

38 ۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.


پوءِ دائود محنايم ۾ آيو، ۽ ابي سلوم ۽ جيڪي اسرائيل جا ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ يردن لنگهي هن ڀر ٿيا.


هاڻي برزلي هڪڙو تمام ٻڍو ماڻهو هو، ۽ اسي ورهين جي عمر جو هو: ۽ جڏهن بادشاهہ محنايم ۾ هو تڏهن هن کي سرسات موجود ڪري ڏني هئائين: ڇالاءِ جو هو تمام وڏو ماڻهو هو.


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


۽ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ اوهان کي اها خبر آهي يا نہ تہ رامات جلعاد اسان جو آهي، ۽ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون، ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي هٿن مان نہ ٿا وٺون؟


بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:


۽ جد جي فرقي مان، جلعاد ۾؛ رامات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ محنايم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت،


يعني بني روبن جي لاءِ بضر، جو بيابان جي وچ ۾ ميدان ۾ آهي؛ ۽ بني جد جي لاءِ رامات، جو جلعاد ۾ آهي؛ ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان، جو بسن ۾ آهي.


۽ حسبون کان رامٿ المصفاهہ ۽ بطونيم تائين؛ ۽ محنايم کان دبير جي حد تائين؛


انهن جي سرحد محنايم کان وٺي، سارو بسن، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت، ۽ يائير جا سڀ شهر، جي بسن ۾ آهن، ڪل سٺ شهر:


۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.


قديمات، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ مفعت ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.


حسبون ٻهراڙيءَ سميت، يعزير، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ