19 بني هارون ڪاهنن جا ڪل شهر ٻهراڙين سميت تيرهن هئا.
19 سو هارون جو اولاد، جيڪي ڪاهن هئا تن کي ڪل تيرهن شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا.
۽ هارون جي پٽن کي پناهہ جي شهرن لاءِ هن حبرون ڏنو؛ لبناہ ۽ ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يتير، ۽ استموع، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛
عنتوت سندس ٻهراڙين سميت؛ ۽ علمون سندس ٻهراڙين سميت؛ چار شهر.
۽ بني قهات جا قبيلا، جي لاوي هئا، يعني بني قهات مان جيڪي باقي بچيا هئا، تن کي افرائيم جي فرقي مان پنهنجن ڪڻن جا شهر مليا.