Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن حبرون سندس ٻهراڙين سوڌو ڏنو، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ لبناہ بہ سندس ٻهراڙين سميت؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 حبرون، جيڪو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، سو ۽ ان جي آس‌پاس جي چراگاهن کان علاوہ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن هي شهر بہ ڏنا: لبناہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي هٿ هيٺان باغي ٿي نڪتل رهيو آهي. تنهن کان پوءِ لبناہ بہ انهيءَ وقت باغي ٿيو.


تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.


۽ جيڪي شهر اوهين لاوين کي ڏيندا، تن مان ڇهہ شهر پناهہ جا هجن، جن ۾ خوني ماڻهو ڀڄي وڃي رهن: انهن کان سواءِ اوهين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ اڏجو.


تنهن کان پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي مقيدہ مان لنگهي لبناہ ۾ ويو، ۽ لبناہ سان جنگ ڪيائين.


۽ حمط، ۽ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، ۽ صيعور؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.


۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.


پر شهر جون ٻنيون ۽ ان جا ڳوٺ هنن يفنہ جي پٽ ڪالب کي موروثي ملڪيت ڪري ڏنا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ