Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:1 - Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ لاوين جي گهراڻي جا سردار، اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي گهراڻن جي سردارن وٽ آيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي گھراڻن جي وڏن وٽ لاوي گھراڻن جا وڏا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.


هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا.


هارون جي پٽ اليعزر فوطيئل جي ڌيئرن مان هڪڙي سان شادي ڪئي، انهيءَ مان فنيحاس پيدا ٿيو. لاويءَ وارن جي ابن ڏاڏن جي خاندانن مان هي سردار سندن گهراڻن موجب هئا.


۽ خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾، يريحو وٽ موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ


۽ جيڪي شهر اوهين ڏيو، سي بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان هجن، گهڻن کان گهڻا وٺجو؛ ۽ ٿورن کان ٿورا وٺجو: هر ڪنهن کي جيڪو ورثو ملي تنهن موجب پنهنجن شهرن مان لاوين کي ڏئي.


۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.


۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ سردارن جي اڳيان آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي ڀائرن سان گڏ ورثو ملي: تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب هن سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.


هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ