Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 20:9 - Sindhi Bible

9 اهي شهر بني اسرائيل لاءِ، ۽ جيڪو مسافر منجهن رهندڙ هجي، تنهن جي لاءِ مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڀل چڪ ۾ ماري وجهي سو انهن ۾ ڀڄي وڃي، ۽ خون جي بدلي وٺڻ واري جي هٿان نہ مري، جيستائين جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هي آهن اُهي پناهہ جا شهر، جيڪي بني اسرائيل ۽ منجھن رهندڙ ڌارين لاءِ مقرر ڪيا ويا. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اتفاق سان ماري وجھي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي ۽ تيستائين کيس نہ ماريو وڃي، جيستائين سندس کُلي عدالت نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 20:9
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پناهہ جا شهر جي اوهين ڏيو سي ڇهہ هجن.


اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ پرديسيءَ جي لاءِ، ۽ جيڪو ڌاريو اوهان منجهہ اچي رهي، انهي جي لاءِ پناهہ جا شهر ٿيندا: انهي لاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي اتي وڃي رهي.


۽ اهڙو ماڻهو انهن شهرن مان هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي، ۽ شهر جي وڏي در وٽ بيهي اُتي جي بزرگن کي پنهنجو احوال ٻڌائي؛ پوءِ هو انهي کي شهر جي اندر وٺي وڃن، ۽ پنهنجي وچ ۾ رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ هن کي ڏين.


۽ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهندو جيستائين هو عدالت جي لاءِ جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿيندو، ۽ جيستائين انهن ڏينهن ۾ جيڪو سردار ڪاهن هجي سو نہ مرندو: تنهن کان پوءِ اُهو خوني موٽي پنهنجي شهر ۾ پنهنجي گهر اچي، يعني جنهن شهر مان هو ڀڄي نڪتو هو.


۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ