Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 20:8 - Sindhi Bible

8 ۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 20:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


۽ يورام بن اخي آب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن ويو: ۽ ارامين يورام کي زخمي ڪري وڌو.


۽ يردن جي هن ڀر، يريحو ۾، يردن جي اُڀرندي پاسي، هنن کي روبن جي فرقي مان بيابان ۾، بصر، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يهصہ، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.


۽ جد جي فرقي مان، جلعاد ۾؛ رامات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ محنايم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت،


انهي کان سواءِ سلڪہ، ۽ ادرعيءَ تائين ميدان جا سڀ شهر، ۽ سارو جلعاد، ۽ سارو بسن، يعني عوج جي بادشاهت جا سڀ شهر، جيڪي بسن ۾ شامل هئا، سي اسان هٿ ڪيا.


يعني بني روبن جي لاءِ بضر، جو بيابان جي وچ ۾ ميدان ۾ آهي؛ ۽ بني جد جي لاءِ رامات، جو جلعاد ۾ آهي؛ ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان، جو بسن ۾ آهي.


۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.


اهي شهر بني اسرائيل لاءِ، ۽ جيڪو مسافر منجهن رهندڙ هجي، تنهن جي لاءِ مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڀل چڪ ۾ ماري وجهي سو انهن ۾ ڀڄي وڃي، ۽ خون جي بدلي وٺڻ واري جي هٿان نہ مري، جيستائين جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿئي.


۽ لاوين جي قبيلن مان بني جيرسون کي منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هنن بسن ۾ جولان، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ڏنو؛ بعستراہ، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٻہ شهر.


۽ روبن جي فرقي مان، بصر، ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ يهصہ، ٻهراڙيءَ سميت،


۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ