جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين،
هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.