Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ۽ کين چيائين تہ ”مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اوهان جو ڊپ اسان تي ايترو تہ وٺي ويو آهي جو هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان بني اسرائيل جي خوف کان هيسجي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:9
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اُٿي روانا ٿيا: ۽ هن جي آس پاس جيڪي شهر هئا، تن جي ماڻهن کي اهڙو ڊپ وٺي ويو، جو هو يعقوب جي پٽن جي پٺيان ڪين پيا.


۽ جيڪو بهادر آهي ۽ جنهن جي دل شينهن جي دل جهڙي آهي، سو بہ بلڪل پگهرجي پاڻي ٿي ويندو، ڇالاءِ جو ساري اسرائيل کي خبر آهي تہ تنهنجو پيءُ طاقت وارو ماڻهو آهي، ۽ جيڪي ساڻس آهن سي بهادر ماڻهو آهن.


پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.


ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي.


۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.


پر مون کي خبر آهي تہ منهنجو نجات بخشيندڙ جيئرو آهي، ۽ اهو پڇاڙيءَ جي ڏينهن زمين تي اٿي بيهندو.


بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي.


آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


جن ماڻهن وٽ تون ويندين، تن سڀني جي دلين ۾ آءٌ پنهنجو خوف توکان اڳ ۾ موڪلي کين شڪست ڏيندس، ۽ تنهنجن سڀني دشمنن کي تنهنجي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس.


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


جڏهن اها خبر مصر ۾ ايندي تڏهن صور جو احوال ٻڌي هنن کي ڏاڍو درد ٿيندو.


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.


پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:


هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگهندو: جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف، ۽ اوهان جو ڊپ وجهندو، جيئن ڪ هن اوهان کي فرمايو آهي.


اڄ کان وٺي آءٌ زمين جي سڀني ماڻهن تي تنهنجو خوف، ۽ تنهنجو ڊپ وجهڻ شروع ڪندس، ۽ هو تنهنجي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا، ۽ تنهنجي ڪري پريشان ٿيندا.


۽ زمين جون سڀ قومون ڏسنديون تہ تون خداوند جي نالي ٿو سڏجين؛ ۽ اهي توکان ڊڄنديون


جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.


ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.


۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.


۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.


۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو سمهي رهن، هوءَ ڇت تي وٽن ويئي؛


۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڏس، مون يريحو، ۽ انهي جو بادشاهہ، ۽ زور وارا بهادر مرد، سڀ تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن.


۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.


۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي.


تڏهن هنن چيس تہ تنهنجا ٻانها پرانهين ملڪ مان خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ آيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان انهي جي ناموس ۽ جيڪي انهيءَ مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو سو ٻڌو آهي،


۽ هن جي سنگتيءَ ورندي ڏئي چيو تہ اها هڪڙي اسرائيلي جدعون بن يوآس جي ترار آهي، ٻي ڪا شيءِ ناهي، انهن جي هٿن ۾ خدا مديانين ۽ سڄي لشڪر کي ڏئي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ