Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:6 - Sindhi Bible

6 پوءِ هوءَ انهن کي گهر جي ڇت تي چاڙهي وٺي ويئي، ۽ سڻيءَ جون ڪاٺيون جي هن ٺاهي جوڙي رکيون هيون، تن ۾ وڃي لڪايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


۽ سندس زال هڪڙو پردو کڻي کوهہ جي منهن تي وڇائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي مٿان ڏريل اَن پکيڙي ڇڏيائين؛ تنهنڪري ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پيئي.


جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي قتل ڪيو تڏهن منهنجي ڌڻيءَ کي اهو ٻڌايو نہ ويو هو ڇا تہ مون ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو، ۽ اُنهن کي ماني کارائي ۽ پاڻي پياريو؟


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)


پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.


۽ اها زال حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ ۽ هن ٻار کي سهڻو ڏسي، ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو.


۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو.


جيڪو کڏ تي هجي سو پنهنجي گهر مان سامان ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي:


جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي.


ڇالاءِ جو اوهين مري ويا ۽ اوهان جي حياتي مسيح سان خدا ۾ پوشيدہ آهي.


ايمان ئي جي ڪري موسيٰ جي مائٽن سندس ڄمڻ کانپوءِ کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آهي؛ ۽ هو بادشاهہ جي حڪم کان ڊنا ڪين.


ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟


۽ شهر جي دروازي بند ٿيڻ مهل جڏهن اونداهي ٿي، تڏهن اُهي ماڻهو نڪري ٻاهر ويا: مون کي خبر ڪانهي تہ اُهي ماڻهو ڪيڏانهن ويا: اوهين جلد هنن جي پٺيان پئو؛ ڇالاءِ جو اوهين وڃي هنن کي پهچندا.


۽ هو ماڻهو انهن جي پٺيان پيا، ۽ يردن جي گهير تائين ويا: جيئن اُهي نڪتا تيئن هنن شهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.


۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو سمهي رهن، هوءَ ڇت تي وٽن ويئي؛


پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ