Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 يريحو شهر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”اڄ رات بني اسرائيل جا ڪي ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


۽ يريحو جي بادشاهہ راحب کي ماڻهو موڪليو تہ جيڪي ماڻهو تو وٽ آيا آهن، ۽ تنهنجي گهر لٿا پيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر: ڇالاءِ جو هو هن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن.


۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ