Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:18 - Sindhi Bible

18 ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهن لاءِ تو کي هي ڪرڻو آهي جو جڏهن اسين هن ملڪ ۾ داخل ٿيون، تڏهن جنهن دريءَ مان تون اسان کي هيٺ لاهين ٿي، تنهن ۾ تون هيءَ لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ تون پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي کي پنهنجي گھر ۾ آڻي گڏ ڪجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي.


ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟


۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.


تنهنجا چپ کهنبي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي: تنهنجيون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهونءَ جي ٽڪر جهڙيون آهن.


تہ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ اهي ٻہ جيئرا حلال پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، ۽ زوفا آڻين:


۽ ڪاهن ديال جي ڪاٺي، ۽ زوفا، ۽ قرمزي رنگ کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ واريءَ باهہ ۾ اُڇلائي وجهي.


۽ انهيءَ جي مٿان قرمزي ڪپڙو وجهن، ۽ پوءِ انهيءَ کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.


يسوع چيو، تہ اڄ هن گهر ۾ نجات آئي آهي، ڪيئن جو هيءُ بہ ابراهيم جو اولاد آهي.


۽ هن سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو؛ ۽ ڏسي تہ گهڻائي گڏ ٿيا ويٺا آهن:


سو يڪدم تو ڏانهن ماڻهو موڪليم؛ ۽ تو چڱو ڪيو جو آئين. سو هاڻ اسين سڀ خدا جي حضور ۾ حاضر آهيون، انهي لاءِ تہ جيڪي خداوند توکي فرمايو آهي، سو سڀ ٻُڌون.


۽ هو توکي اهو ڪلام ٻُڌائيندو، جنهنڪري تنهنجي ساري گهر کي نجات ملندي.


خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛


ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،


تنهن تي هن چيو تہ جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ڀلي ٿئي. پوءِ هن انهن کي موڪل ڏني، ۽ هو روانا ٿيا: ۽ پاڻ اُهو کهنبو ڌاڳو دريءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين.


۽ اُهي جوان ماڻهو، جي جاسوس هئا، سي اندر وڃي راحب ۽ سندس پيءُ، ۽ سندس ماءُ، ۽ سندس ڀائرن کي، ۽ جيڪي وٽس هو تنهن سميت کيس ٻاهر وٺي آيا؛ ۽ هنن اُنهي جا سڀ مائٽ آڻي اسرائيل جي منزلگاهہ جي ٻاهر ويهاريا.


پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ