Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:16 - Sindhi Bible

16 ۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين جبل ڏي هليا وڃو، متان اوهان جا پيڇو ڪندڙ اوهان کي اچي پهچن، ۽ اُتي ٽي ڏينهن اوهين پاڻ کي لڪائجو، جيستائين ڪ پيڇو ڪندڙ موٽي اچن: ۽ تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هن کين چيو هو تہ ”اوهين جبلن ڏانهن هليا وڃجو، متان اوهان جو پيڇو ڪندڙ بادشاهہ جا ماڻهو اوهان کي ڏسي وٺن. اتي اوهين ٽي ڏينهن لڪي پئجو، جيستائين اهي پيڇو ڪندڙ موٽي اچن. تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:16
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟


ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟


تڏهن هن دريءَ مان رسو ٻڌي هنن کي هيٺ لاٿو: ڇالاءِ جو سندس گهر شهر جي ديوار تي هو، ۽ پاڻ مٿس رهندي هئي.


۽ هو جبل وٽ پهتا، ۽ اُتي ٽي ڏينهن ترسي پيا، جيستائين ڪ سندن پيڇو ڪندڙ جن کين سڄي واٽ پئي ڳوليو پر نہ لڌائون، رلي موٽي هليا ويا.


۽ دائود بيابان ۾ مضبوط قلعن ۾ رهڻ لڳو ۽ زيف جي بيابان واري ڪوهستان ۾ رهي پيو. ۽ سائول ڏهاڙي هن جي ڳولا پئي ڪئي، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.


پوءِ دائود اُتان چڙهي ويو ۽ عين جديءَ جي مضبوط قلعن ۾ وڃي رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ