Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:12 - Sindhi Bible

12 تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان کي عرض ٿي ڪريان تہ اوهين انهيءَ خدا جو مون سان قسم کڻو، تہ جڏهن مون اوهان کي مهرباني ڏيکاري آهي، تڏهن اوهين بہ منهنجي اباڻي گهر تي مهربان ٿيندا، ۽ مون کي ڪا سچي نشاني ڏيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سو هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ خداوند جو مون سان قسم کڻو تہ جهڙو مهربانيءَ وارو سلوڪ مون اوهان سان ڪيو آهي تهڙو ئي سلوڪ اوهين بہ منهنجي اباڻي گھر سان ڪندا. تنهن لاءِ مون کي ڪا اعتبار جوڳي نشاني ڏيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:12
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي، هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون، توڙي منهنجي پٽ ۽ پوٽي سان دغا نہ ڪندين: ۽ جهڙي مهرباني مون تو سان ڪئي آهي، تهڙي مون سان، ۽ جنهن ملڪ ۾ تون رهيو پيو آهين، تنهن سان ڪندو رهندين.


۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.


پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ ابرهام جي ران جي هيٺان هٿ رکيو ۽ انهيءَ ڳالهہ بابت قسم کنيائين.


پر جڏهن تنهنجي مراد پوري ٿئي، تڏهن ڀلائي ڪري منهنجي يادگيري ڪج، ۽ مهرباني ڪري فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪج ۽ مون کي هن گهر مان ٻاهر ڪڍج:


۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟


۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا.


هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ چيو هئائين، تہ جنهن کي آئون چُمان سو اٿوَ؛ انهي کي جهلجو ۽ سنڀالي وٺي وڃجوس.


بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:


پر جيڪڏهن ڪو پنهنجن جي لاءِ، خاص ڪري پنهنجي خاندان لاءِ بندوبست نہ ڪندو، تہ ايمان کان انڪاري ٿيو، ۽ اُهو بي ايمان کان بہ بڇڙو آهي.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


۽ منهنجي پيءُ کي، ۽ منهنجي ماءُ کي، ۽ منهنجي ڀائرن کي، ۽ منهنجين ڀينرن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪي وٽن آهي سو بچائيندا، ۽ اسان کي جيئدان ڏيندا.


ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ تنهنجي گهر جي در مان نڪري گهٽيءَ ۾ ويندو، انهيءَ جو رت انهيءَ جي مٿي تي رهندو، ۽ اسين ڏوهاري نہ ٿينداسين: ۽ جيڪو بہ گهر ۾ تو وٽ هوندو تنهن تي جيڪڏهن ڪنهن جو هٿ هليو تہ انهيءَ جو خون اسان جي مٿان پوندو.


پر جن ٻن ماڻهن جاسوس ٿي اُهو ملڪ ڏٺو هو، تن کي يشوع چيو تہ اوهين انهيءَ ڪسبياڻي جي گهر وڃو، ۽ اُتان انهيءَ زال کي، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سميت وٺي اچو، جيئن اوهان هن سان قسم کنيو هو.


۽ يشوع هنن سان صلح ڪيو، ۽ ساڻن عهد ٻڌائين، تہ هنن کي جيئدان ملي: ۽ جماعت جي سردارن هنن سان قسم کنيو.


۽ جاسوسن هڪڙو ماڻهو شهر مان نڪرندي ڏٺو، ۽ انهي کي چيائون تہ مهرباني ڪري اسان کي شهر ۾ گهڙڻ جو رستو ڏيکار، اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين.


۽ دائود هن کي چيو تہ تون مون کي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندين؟ ۽ هن چيو تہ خدا جو قسم کڻي مون کي چئُہ تہ تون نہ مون کي قتل ڪندين، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ توکي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ